صوفي محمد بخش ڦرڙو

صوفي محمد بخش ڦرڙو: ڪافيءَ جو مشهور شاعر صوفي محمد بخش ولد ميان علي محمد ڦرڙو، خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ 1889ع ڌاري ڄائو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ فقيري اختيار ڪرڻ وقت تلقين ۽ تربيت مولوي عبدالغفور ‘مفتون’ همايونيءَ کان ورتائين. 22 ذوالعقد 1371هه/ 14 آگسٽ 1952ع تي وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
نيهن منهنجو آهي ناز، تخت هزاري جو مالڪ آهيان،
هر جاءِ عشق منهنجو اثبات، برهه باري ٿو رنگ رسايان،
لکين نالا پاڻ سڏايان، جلال جمال پاڻ ئي آهيان،
احمد توڙون آدم ذات، وصال وصالي اصل آهيان،
هيڏي هوڏي هڪ ئي آهيان، ٿي ملان قاضي بازي لايان،
‘انالحق’ ذات صفات، اعظم اعليٰ منصور آهيان.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.08.14  عيسوي

صوفي محمد بخش ڦرڙو 1889ع ڌاري ڄائو.14 آگسٽ 1952ع تي وفات ڪيائين.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روحل فقير
سدارام ڀڳت
چانڊيو نورالدين ’نور‘ مولانا
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
سليمان شاهه لڪياري
لطف سيال
شيطان فقير
ميون تماچي اوريئڙي وارو
عبدالله چانڊيو
صابر علي مير ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون